شير محمد لغاري

شير محمد لغاري: ڪافيءَ جو شاعر شير محمد لغاري، ڳوٺ غلام شاهه لغاري، تعلقي سڪرنڊ ۾ 1298هه/ 1881ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ نقر، تعلقي سڪرنڊ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ پراڻن هالن ۾ آخوند محمد موسيٰ پڃاري ۽ قاضي خان محمد وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين. هن کي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق هوندو هو. سندس ڪلام ڊگهن بيتن، مداحن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. ڳوٺ ۾ لاڳيتن ٻوڏن اچڻ جي ڪري اتان لڏي وڃي ڳوٺ گل محمد لغاري، تعلقي شهدادپور ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن 65 ورهين جي ڄمار ۾ 1945ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪافيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
پيارا ڏاڍو عشق دنيا سين،
لايو تو سو ٿئي اجايو تو،
دنيا دورنگي ڪم نه ايندئي،
جنهن سان روح رلايو تو.
شير محمد وطن ڪيئن وساريئي،
هتي ڪيئن باغ بنايو تو.


لفظ شير محمد لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو